سنڌ

جمهوريت جو علم ڪڏهن به جهڪڻ نه ڏينداسين: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته جمهوريت اسان جو روح آهي، اسان جمهوريت جوپرچم ڪڏهن به جهڪڻ نه ڏينداسين. آصف زرداري چيو ته جڏهن به جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو آهي ۽ ملڪ تي جبر جي اونداهي رات مڙهي وئي آهي، پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن پنهنجي رت سان ڏيئا روشن ڪري عوام جي رهنمائي ڪئي آهي. آصف زرداري چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو باني قائد عوام ذوالفقارعلي ڀٽو شهيد هو، جنهن عوام کي سوچڻ لاءِ شعور ۽ ڳالهائڻ لاءِ زبان ڏني هئي. اڳوڻي صدر چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو پنهنجو سڄو گلشن جمهوريت تان قربان ڪري ڇڏيو، پاڪستان ۾ جڏهن به جمهوريت جو سج اڀريو آهي، ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي قبرستان مان رت جي لالاڻ کڻي اڀريو آهي. آصف علي زرداري چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جمهوريت لاءِ جيل جون سختيون سٺيون جبر ۽ تشدد برداشت ڪيو، سندس بهادري ۽ جدوجهد سڄي دنيا ۾ جمهوريت لاءِ هلندڙ تحريڪن کي عزم ۽ حوصلو ڏنو. اڳوڻي صدر چيو ته پيپلزپارٽي جا جيالا جمهوريت لاءِ وڏي وقار سان ڦاهي تي چڙهي ويا، ڦٽڪا کاڌا ۽ جيل برداشت ڪيو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوريت جي مضبوطي ۽ بقا لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. آصف علي زرداري چيو ته بااختيار پارليمان ئي جمهوريت جي سڃاڻپ آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي اتحادين جي مدد سان پارليمان کي بااختيار بڻايو. اڳوڻي صدر چيو ته هر قسم جي تڪليفن مان نڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سمورا فيصلا ڪرڻ جو اختيار صرف عوام جي چونڊيل پارليامينٽ کي حاصل هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button