سنڌ

ٻوڏ متاثرن لاءِ خريد ڪيل اٽو پنجاب سرڪار روڪي ڇڏيو:شرجيل ميمڻ

سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پنجاب سرڪار سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ خريد ڪيل اٽو کڻي ايندڙ ٽرڪن کي سرحد وٽ روڪي ڇڏيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته پنجاب سرڪار کي رليف سامان ضبط ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي، اهڙي سنگين صورتحال ۾ پي ٽي آءِ حڪومت رليف آئٽمز ضبط ڪري رهي آهي. شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ڊي ايم اي سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ پنجاب ۾ اٽي جون ٻوريون خريد ڪيون هيون، صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ هر هر حدون اورانگهي رهي آهي، پهريان عالمي امداد روڪرائڻ لاءِ سازش ڪئي وئي ۽ هاڻي ٻوڏ متاثرن لاءِ خريد ڪيل آئٽمز روڪي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button