سنڌ

سنڌ حڪومت کي ٻاهرين امداد مان هڪ داڻو به ناهي مليو:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي ٻارين امداد جو هڪ داڻو به ناهي مليو، جيڪا امداد آئي آهي، اها اين ڊي ايم اي ورهائي رهي آهي. وڏي وزير جو چوڻ آهي ته سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙڻ وارا الزام بي بنياد آهن، اڻڄاڻائي ۾ غلطيون ٿي سگهن ٿيون، ڄاڻي واڻي غلطي جو تصور ئي نٿا ڪري سگهون. سنڌ کي ھٿ وٺي ٻوڙائڻ بابت ڪنهن وٽ ثبوت آهن پيش ڪري. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ 1100 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، رڳو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي 7 کان 8 لک ايڪڙ فٽ پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڃا به 3 کان 4 فٽ پاڻي موجود آهي. هن چيو ته ڪٽ لڳائڻ جو فيصلو آبپاشي کاتي جو آهي، آبپاشي کاتي پاران ڪجهه غلطيون ضرور ٿيون آهن. هن چيو ته درياءَ جي ساڄي ڪپ تي پاڻي جي سطح گهٽجي وئي آهي. سنڌ ۾ هن وقت برساتن جو ستون مرحلو آهي ۽ پنجاب ۾ 52 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 800 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ واري صورتحال ۾ ڪابه ڄاڻي واڻي غلطي نه ڪئي آهي. هن چيو ته ريلوي لائين کي فعال ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏجي قدم کنيا پيا وڃن ۽ اسان کي خيمن ۽ ترپالن جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هن وقت تائين ساڍا ٽي لک راشن بيگز ورهائي چڪي آهي. پرڏيهي امداد سميت چار لک کان وڌيڪ راشن بيگز ورهايا ويا آهن. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته جلد کان جلد معمول جي زندگي بحال ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن جي حالت بهتر ٿي سگهي. هن چيو ته 30 ملين ايڪڙ فٽ برسات پئجي چڪي آهي ۽ جيڪو پاڻي بلوچستان مان صوبي ۾ داخل ٿيو آهي، اهو ان کان علاوه آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسن تي پاڻي آهي، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ اڃا تائين 7 کان 8 ملين فٽ پاڻي موجود آهي. هن چيو ته منڇر کي ڪٽ درياهه ڏانهن پاڻي کي ڪڍڻ لاءِ لڳايو ويو آهي، درياءَ جي کاٻي ۽ ساڄي ڪناري لنڪ ڪئنال آهن. هن چيو ته بدين جي کاٻي پاسي کان پاڻي ليفٽ بينڪ ذريعي ڇڏيو ويندو، جڏهن ته ساڄي پاسي کان پاڻي پمپ ذريعي ڇڏيو ويندو. هن چيو ته ڪالهه تائين هڪ لک 75 هزار ڪيوسڪ پاڻي هو جيڪو هاڻي 2 لک تائين وڃي سگهي ٿو. منڇر جي ڊيڊ ليول 60 فٽ آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي ڊيڊ ليول تي آهي، جڏهن ته حمل مان پاڻي ڪڍڻ آسان ناهي. هن چيو ته ڪوبه کاتو ڪٽ بابت فيصلا نٿو ڪري پر اهي فيصلا آبپاشي کاتي وارا ڪن ٿا. هن چيو ته الله جو شڪر آهي ته ساڄي ڪپ مان پاڻي نڪري رهيو آهي. دادو ۾ به پاڻي جي سطح گهٽجي رهي آهي ۽ هڪ فٽ جو فرق آهي. هن چيو ته سکر واهه مان به محدود مقدار ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته آئون نٿو چاهيان ته منهنجو ڳوٺ يا وري ٻئي ڪنهن جو گهر ٻڏي وڃي پر موجوده ٻوڏ واري صورتحال ۾ سنڌ حڪومت صلاح مشوري سان قدم کنيا آهن. هن چيو ته هو امدادي ڪمن جي نگراني ڪري رهيا آهن ۽ عوام کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته نه رڳو پي ڊي ايم اي پر اين ڊي ايم اي به بهتر ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته درياهه ۾ پاڻي جي سطح بلند هجي ها ته وڌيڪ ڏکيائيون پيش اچن ها. هن چيو ته باقي چانورن جو جيڪو فصل بچيل آهي، تنهن کي پاڻي ڏيڻو آهي. هن چيو ته ڪو ثابت ڪري ته هتي غلطي ٿي آهي، ڪنهن ماهر اڃا نه چيو آهي ته هتي ڪا غلطي ٿي آهي. هن چيو ته اڻڄاڻائي ۾ ڪا غلطي ٿي سگهي ٿي. سنڌ حڪومت هر فيصلو آبپاشي کاتي جي سهڪار سان ڪيو آهي. هن چيو ته پاڻي جي سطح گهٽجي رهي آهي. الله کان دعا آهي ته برسات نه پوي. هن چيو ته هن وقت تائين پي ڊي ايم اي 124000 خيما ۽ اين ڊي ايم 10853 خيما ورهايا آهن، نيوي 2586 خيما ورهائي چڪي آهي. هن چيو ته اسان کي ڏيڍ لک خيمن جي ضرورت آهي، اسان ٻه لک خيما ورهايا آهن. هن چيو ته عوام سخت ڏکائين کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ماڻهن وٽ رهڻ لاءِ گهر ڪونهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 1546000 مڇرداڻيون ورهائيون ويون آهن، اٽڪل 316000 هزار راشن بيگز ورهايا ويا آهن. نيوي پاران 47175 راشن بيگز ورهايا ويا ۽ ٽوٽل 425000 کان وڌيڪ راشن بيگز ورهائجي چڪا آهن. هن چيو ته ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سڀ کان مضبوط آهي. هن چيو ته هن وقت صحت کاتي جا 170 ڪئمپ لڳل آهن ۽ 406 طبي ڪئمپون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته هيلپ لائن نمبر پڻ ڏنا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صحت جي حوالي سان جوڳا قدم کنيا ويا، چمڙي جي بيمارين جا 600000 کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن. ڊينگي جا 12229 ڪيس سامهون آيا، ڊينگي جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي جا آهن. 172 فوتگيون ٿيون آهن، جڏهن ته اصل انگ وڌيڪ آهي. هن چيو ته ايم سي کي ڊينگي اسپري جون هدايتون ڏنيون ويون آهن. وڏي وزير چيو ته ڪرونا جيان ڊينگي لاءِ اسپتالن ۾ انتظام ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪوشش ڪندو آهيان ته ڪا سياسي ڳالهه نه ڪريان پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا موقعا ايندا آهن ته زبان کلي ويندي آهي. هن چيو ته جيڪا به امداد اچي پئي تنهن کي اين ڊي ايم اي ورهائي رهي آهي. هن چيو ته اسان اٽو به خريد ڪيو آهي ته جيئن متاثرن کي کاڌي پيتي جو مناسب بندوبست ڪري ڏجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button