سنڌ

قمبر ۾ بااثر قبضي مافيا خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ ڀٽا برادري پاران بااثر قبضي مافيا خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي محمد وارث ڀٽو، غلام حيدر ڀٽو، عارف ڀٽو، طارق ڀٽو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته بااثر شخص ملڪ غيبي خان چانڊيو اسان جي زرعي زمين 25 جريب تي زبردستي هٿيارن جي زور تي قبضو ڪيو آهي، جڏهن ته اسان وٽ پنهنجي زمين جو اصل رڪارڊ موجود آهي، اسان سردار چانڊيو وٽ دانهيو پر اسان کي انصاف نه مليو آهي. هنن چيو ته اسان مسڪين ماڻهو آهيون، جهيڙي فساد جهڙا ناهيون، ان ڪري اسان جي زمين تي قبضو ڪري ويٺا آهن. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي زمين تان قبضو ختم ڪرائي فساد کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button