سنڌ

لاڙڪاڻي هائي ڪورٽ پاران متاثرن جي واهر نه ڪرڻ تي انتظاميا کي ڇنڊ

لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن سميت دادو ضلعن جي ٻن تعلقن خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سينيئر وڪيل سرفراز خان جتوئي، ايڊووڪيٽ رفيق احمد ابڙو، ايڊووڪيٽ عنايت الله موريو ۽ ٻين طرفان داخل پٽيشن جي گڏيل شنوائي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي ڊبل بئنچ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تونيو جي عدالت ۾ ٿي، جتي ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور علي لغاري، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور، ميونسپل ڪمشنر لاڙڪاڻو سيد امداد علي شاهه، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺاڻي، ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو سيد اطهر حسين شاهه، ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد محمد يوسف شيخ، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ رٽائرڊ ليفٽنٽ عابد علي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور طاهر، ايڊيشنل ڪمشنر دادو عبدالابواعليٰ ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر مينٽيننس نيشنل هاءِ وي اٿارٽي لاڙڪاڻو طاهر حسين صديقي سميت ٻيا پيش ٿيا جتي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرن طرفان پنهنجي اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، ان تي پٽيشنرن اعتراض واريندي پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اڳڀرائي رپورٽ ۾ صرف ڪئمپن جون تصويرون آهن، ان رپورٽ مان ڇا حاصل آهي. جنهن عدالت پاران سرڪاري وڪيل کان پڇا ڪئي وئي ته ڇا اوهان هن تصويرن واري اڳڀرائي رپورٽ مان مطمئن آهيو؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل پڻ ناڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو. عدالت پاران انتظاميه کي ايندڙ پيشي ۾ قابل قبول رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. پٽيشنرن پنهنجي دليلن ۾ چيو ته متاثرن کي جيڪي دوائون پيون ملن اهي غير معياري ۽ ڏهون نمبر ڪوالٽي جون آهن جن سان مريض ويتر مرض ۾ مبتلا ٿيو وڃن. هن وقت به مختلف شهرن ۾ پاڻي 10 فوٽ بيٺل آهي ۽ منڇر جو پاڻي به دريا ۾ نه پيا ڪڍي سگهن. ڪئمپن ۾ مليريا اسپري به ٿو ڪيو وڃي ۽ متاثرن کي مڇر دانيون به مهيا نه ڪيون ويون آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ هڪ کرب 80 ڪروڙ جي ماني متاثرن کي کارائڻ جي دعوا ڪئي پئي وڃي پر اها ماني جيڪا متاثر پيا کائين اها کائڻ جي قابل ئي نه آهي. پٽيشنرن متاثر علائقن ۾ سرڪاري اسڪول کولرائڻ تي زور ڏيندي چيو ته لاڙڪاڻي سميت ٻين علائقن ۾ ڄاڻي واڻي اسڪولن کي واڙن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي جن مان فوري متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري اسڪول کولي تعليمي سرگرميون شروع ڪرايون وڃن. لاڙڪاڻي سميت ٻين شهرن ۾ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ اڃان تائين متاثرن جي واهر نه ٿي ۽ نه ئي کين معياري کاڌ خوراڪ توڙي بهتر علاج ملي رهيو آهي ويتر ڪيترائي متاثر مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هنن عدالت کي ٻڌايو ته ايف پي بچا بند کي هٿ وٺي ڪٽ ڏنو ويو ۽ جن ڪٽن سان شهر ٻڏا آهن، اهي ڪٽ غيرقانوني ۽ ڪنهن اڻ ڄاڻ کان ڏياريا ويا آهن. جنهن ڪري اهو پاڻي ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ داخل ٿيو. جڏهن ته آبپاشي کاتي کي بندن کي مضبوط ڪرڻ لا هر سال 400 کان 600 ارب روپين جا فنڊ پيا ملن پر اهي فنڊ ڪٿي پيا استعمال ٿين انهن جي ڪا خبر ناهي. عدالت انتظاميا کي سختي سان نيشنل ها وي کي صاف ڪري رستو کولرائڻ سميت متاثرن کي بهتر کاڌ خوراڪ سان گڏ علاج معاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. شنوائي دوران سٽيزن ڪاميٽي جي سربراهن طرفان ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج وٽ جمع ڪرايل رپورٽ پيش نه ٿيڻ تي عدالت ايندڙ شنوائي 21 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف خيرپور ناٿن شاهه کي هٿ سان ٻوڙڻ، اڳواٽ معلومات هجڻ باوجود جوڳا انتظام نه ڪرڻ، بندن کي مضبوط نه ڪرڻ سميت ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف داخل ڪرايل پٽيشن جي شنوائي سنڌ ها ڪورٽ لاڙڪاڻي جي ڊبل بئنچ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تونيو جي عدالت ۾ ٿي. جتي رين فوڪل پرسن فياض ٻٽ جي وڪيل امجد علي ٻلهڙو، اسسٽنٽ ڪمشنر سونو خان پيش ٿي پنهنجو جواب داخل ڪرائيندي چيو ته خيرپور ناٿن شاهه سميت ٻين علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن کي پابندي سان کاڌ خوراڪ پهچائڻ سميت امدادي سرگرميون جاري آهن. جنهن تي عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته عدالت خوب ڄاڻي ٿي ته متاثرن جي ڪهڙي واهر ٿي رهي آهي. عدالت انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان جي ڪاغذي ڪارروائي آهي ۽ سڀ انتظاميا وارا ساڳيو ئي رٽيل جواب پيا ڏيو پر ڪا اڳڀرائي ڏسڻ ۾ نه پئي اچي، صرف خانه پوري نظر پئي اچي. جيڪڏهن اوهان پاڻ ويا آهيو ته واقعي واري هنڌ جون تصويرون ظاهر ڪيو. جنهن تي انتظاميا جواب ڏنو ته تصويرون نه ڪڍيون آهن جنهن تي عدالت پڻ کين ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڪنهن غريب کي صابڻ جي چڪي ٿا ڏيو ته ڏهه تصويرون ٿا ڪڍو اوهان ڏهن هنڌن تي ويا آهيو پر هڪ تصوير نه ڪڍي آهي؟. سٽيزن ڪاميٽي انتظاميا پڻ عدالت آڏو شڪايت ڪئي ته انتظاميا اسان سان ڪو تعاون نه پئي ڪري نه ئي ڪنهن اجلاس ۾ اسان کي گهرايو پيو وڃي پر جي اسان رابطو ٿا ڪيون ته فون به اٽينڊ نه پيا ڪن. عدالت پاران اهو پڻ حڪم نامو جاري ڪيو ته ايس ايس پيز ۽ سندن انتظاميا راشن ورهائڻ ۽ گاڏين ۾ ٽينٽ پهچائڻ کان پرتي رهي، پوليس جو ڪم سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ آهي، راشن ورهائڻ ناهي، جڏهن ته عدالت پاران اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور ناٿن شاهه کان پڻ پڇاڻو ڪيو ته روڊن رستن تان پاڻي ڪيتري وقت ۾ ڪڍندئو؟ جنهن تي جواب ڏنو ويو ته هڪ ٻن مهينن ۾ پاڻي ڪڍي ڇڏينداسين جنهن تي عدالت کين سختي سان جلد پاڻي ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو. عدالت پاران انتظاميا کي چيو ته روز روز موقعو نه ڏبو، هاڻي سيشن جج جيڪا رپورٽ پيش ڪندو ان تي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. جنهن بعد عدالت سيشن جج دادو کي ٻوڏ متاثرن جي واهر ٿيڻ سميت پٽيشنر جي ٻين الزامن جو جائزو وٺي رپورٽ طلب ڪري ورتي. چونڊيل نمائندن ايم پي رفيق جمالي، ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو، ايم اين عرفان ظفر لغاري، اڳوڻو ايم اين اي عمران ظفر لغاري جي پيش نه ٿيڻ جي پڇاڻي تي عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته ٻوڏ جي بيٺل پاڻي سبب رستا بند هجڻ سبب کين وقت سر نوٽيس ملي نه سگهيو آهي. جڏهن چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري لوڪل گورنمنٽ، صحت جو صوبائي سيڪريٽري، چيئرمين ۽ ڊاريڪٽر موسميات، ڪمشنر حيدر آباد، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر دادو، اسٽنٽ ڪمشنر خيرپور ناٿن شاهه، ڊپٽي ڪمشنر دادو، مختيار ڪار دادو ۽ خيرپور ناٿن شاهه، ايس ايچ او دادو ۽ خيرپور ناٿن شاهه، سميت ٻين جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ جي بيٺل پاڻي کي ڪڍڻ سميت ٻوڏ متاثرن جي واهر سبب پيش نه ٿي سگهيا. جنهن تي عدالت ڄاڻايل چونڊيل نمائندن سميت انتظاميا کي ايندڙ شنوائي 21 سيپٽمبر 2022 تي پابندي سان پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button