سنڌ

مدئجي ويجهو هٿياربند ٻن ڌنار نوجوانن کي مبينا طور اغوا ڪري ويا

مدئجي ويجهو هٿياربند ٻن معصوم نينگرن کي مبينا اغوا ڪري ويا. مدئجي ويجهو رائيس ڪئنال وٽ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ٻڪريون چاريندڙ ڪچي جي ڳوٺ لطيف ڪلهوڙو واسي ڌنار نوجوان شاھد ڪلھوڙو ۽ 12 ورهين جي معصوم نينگر ساجد ڪلهوڙو کي مبينا طور اغوا ڪري ويا، واقعي بابت وارثن مدئجي پوليس کي بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او طالب ميمڻ ٻڌايو ته اغوا ڄاڻايل نوجوانن جي وارثن ٿاڻي تي پهچي اغوا جو اطلاع ڏنو، جنهن بعد جا واردات تي پهتاسين ته خبر پئي حد مدئجي ٿاڻي جي ناهي، جنهن بعد واپس موٽي آيا آهيون. هن چيوته ڪچي جي علائقي جهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ۾ جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا ڌرين ۾ قبيلائي تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان ڪجھه ڏينھن اڳ ڪلھوڙا برادري جي ھٿياربند جوڻيجا برادري جي نوجوان سراج جوڻيجو کي اغوا ڪري ويا هئا. هي واقعو ان جو پلاند لڳي رهيو آهي. ٻئي طرف ڪلهوڙا برادري جي چڱي مڙس حفيظ ڪلهوڙو پاران ٻن ڄڻن جي اغوا جي تصديق ڪندي چيوآهي ته مدئجي پوليس سراسر ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي ته هٿياربند نوجوان شاهد ڪلهوڙو ۽ معصوم نينگر ساجد ڪلهوڙو کي رائيس ڪئنال وٽان اغوا ڪري ويا آهن حيقيقت ۾ اسان جو نوجوان شاهد عرف ملان شاهو ڳوٺ ٻاهران مال چاري رهيو هوته اوچتو نينگر ساجد ڪلهوڙو جي طبيعت خراب ٿي پئي، جنهن کي علاج لا هو مدئجي وٺي وڃي رهيو هو ته ڊگري ڪاليج ڀرسان سکر لاڙڪاڻو روڊ تان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار جوڻيجا برادري جي هٿياربندن کين اغوا ڪيو آهي. پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو پر پوليس ڪوڙ ڳالهائي ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. اسان جي ٻنهي مغوين کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار مدئجي پوليس هوندي. هن اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي اغوا ڪيل ٻنهي ڄڻن کي جلد بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button