پاڪستان

ملڪ جون ريلوي اسٽيشنون ويران، بيروزگار قلين کي 10-10 هزار رپيا امداد

ٻوڏ واري صورتحال ۾ ٽرينن جو آپريشن معطل هجڻ ڪري بيروزگار ٿي ويل قلين کي ريلويز جي وفاقي وزير طرفان 10- 10 هزار رپيا امداد ڏيڻ جي شروعات ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ريلويز جي وفاقي وزير سعد رفيق جي هدايت تي ڪراچي سٽي، لانڍي، حيدرآباد، ڊرگ روڊ ۽ لاهور ريلوي اسٽيشن جي 400 قلين ۾ 10- 10 هزار رپيا ورهايا ويا آهن، رقم جي ادائيگي اخوت فائونڊيشن ۽ خواجا رفيق فائونڊيشن طرفان ڪئي وئي آهي، انهي رقم ۾ ريلوي آفيسرن جي هڪ ڏينهن جو پگهار پڻ شامل آهي. وفاقي وزير سعد رفيق جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا ۽ ٻين متاثر ٿيل ڊويزنن ۾ به واعدي مطابق قلين جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي، قلي اسان جي ريلوي نظام ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، انهن جي حوصلا افزائي ڪندا رهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button