سنڌ

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هارين کي قرضن ۾ هڪ سال تائين ڇوٽ ڏيڻ جو فيصلو

زرعي ترقياتي بئنڪ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب شديد متاثر ٿيل هارين کي رليف ڏيڻ خاطر 20 ارب رپين کان وڌيڪ جا زرعي قرض هڪ سال لا اڳتي وڌائي ڇڏيا آهن، جيڪي هلندڙ سال وصول نه ڪيا ويندا. مليل ڄاڻ موجب زرعي ترقياتي بئنڪ طرفان ٻڌايو ويو ته سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ زرعي قرض في الحال هڪ سال تائين نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آفت سٽيل قرار ڏنل علائقن ۾ موجود هارين کان قرضن جون قسطون وصول نه ڪيون وينديون، هن رليف مان 57 هزار هاري ۽ آبادگار فائدو وٺي سگهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button