پاڪستانسنڌ

هاڪڙي جا وهڪرا بحال ڪري ڇڏيا،ماهرن جي اجازت بنا ڪٽ نه هڻبو:ارباب لطف

مٺي :راندين بابت صوبائي صلاحڪار ۽ ٿرپارڪر جي رين ايمرجنسي فوڪل پرسن ارباب لطف الله فون تي ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي آھي ته هاڪڙي جي قدرتي وهڪرن کي پاڻي جي هنگامي نيڪال لا شڪور ڍنڍ تائين بحال ڪيو ويو آھي. ٽيڪنيڪل ماهرن جي اجازت کانسوا ڪٽ نه ڏينداسين. هن چيو ته هاڻي عمرڪوٽ کان وٺي هيٺ ايندڙ سمورو پاڻي تيزي سان شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري رهيو آھي جيڪو صوبائي وزير سردار شاهه ۽ ٻيا پهنجين اکين سان ڏسي مطمئن ٿي واپس ويا آھن. جڏهن ته ميرپورخاص ضلعي جو ٻوڏ وارو پاڻي ايل بي او ڊي مان تيزي سان گذري رهيو آھي جيڪو جلدي نيڪال ٿي ويندو. ارباب وڌيڪ چيو ته آبپاشي کاتي جي ٽيڪنيڪل ماهرن جي ٽيم آرڊي 211 زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيئي پاڻي هاڪڙي ۾ ڇڏڻ کي نامناسب قرار ڏنو ۽ لکين ماڻھن جي ٻڏڻ ۽ متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو. آبپاشي کاتي جي ٽيڪنيڪل ٽيم جي اعتراض بعد زيرو پوائنٽ تان ڪٽ نه هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ان ڪري زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ جو مطالبو ڪندڙ منهنجا دوست چونڊيل ميمبر مطمئن ٿي ويا آھن. ڪٿان به ٽيڪنيڪل ماهرن جي اجازت کانسوا ڪٽ نه ڏينداسين. هن چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته ڪٽ ڏئي ڪنهن کي ٻوڙڻ بدران عوام کي جاني ۽ مالي نقصان کان بچائڻ لا سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. هن چيو ته اسان عوام خاطر ڪٽ جي مخالفت ڪئي جيڪو منهنجو حق آھي. هن چيو ته اسان چونڊيل نمائندن وچ ۾ ڪي به اختلاف ناهن باقي هر اشوز تي بحث مباحثا ٿيندا رهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button