پاڪستان

بل گيٽس جي فلاحي تنظيم 75 لک ڊالر امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو

بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي اٽڪل 75 لک ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي. فائونڊيشن ملڪ ۾ ريليف ايند ريسڪيو آپريشنز کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي موجوده گرانٽ کي ري پرپوز ڪري ڇڏيو. ان ڳالهه جو اعلان صدر گلوبل ڊولپمينٽ آف بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن ڪرسٽوفراليس آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان کي موڪليل هڪ خط ۾ ڪيو. خط ۾ چيو ويو ته فائونڊيشن جو پوليو جي روڪٿام بابت پروگرام ٻوڏ سبب انتهائي متاثر ضلعن ۾ آغا خان ڪراچي طرفان لڳايل 1200 ميڊيڪل ڪيمپن جي مدد پڻ ڪندو. ٻئي پاسي فائونڊيشن ٻوڏ سبب بي گهر ڳورهارين عورتن جي سار سنڀال، ٻارن جي پيدائش ۽ بين خدمتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ 3 گائني اسپتالن کي وڌيڪ مدد فراهم ڪندي. ڪرسٽوفراليس پاڪستاني سفير کي ٻڌايو ته فائونڊيشن ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ خوراڪ جي فراهمي ۽ هنگامي روڪ رقم جي منتقلي لاءِ 40 لک ڊالر فعال گرانٽ مختص آهي. پاڪستاني سفير امداد جي اعلان تي بل اينڊ گيٽس فائونڊيشن جو ٿورو مڃيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button