پاڪستان

اليڪشن ڪميشن عمران خان ۽ محمود خان تي 50- 50 هزار رپيا ڏنڊ هڻي ڇڏيو

خيبر پختونخوا جي اليڪشن ڪميشن پشاور ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ سرڪاري وسيلن جي غير قانوني استعمال ۽ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پي ٽي آ چيئرمين عمران خان، پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، 10 صوبائي وزيرن ۽ صلاحڪارن تي 50- 50 هزار رپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن آفيس پشاور ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ ٻين خلاف ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويو. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي مطابق عمران خان ۽ محمود خان تي 50-50 هزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو، ساڳئي نموني صوبي جي 10 وزيرن ۽ صلاحڪارن کي به 50- 50 هزار رپيا ڏنڊ ڀرڻ جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button