پاڪستان

ايشيائي بئنڪ پاڪستان کي ڏيڍ ارب ڊالر قرض ڏيڻ جي حامي ڀري ورتي

ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ لا ڏيڍ ارب ڊالر قرض ڏيڻ جي حامي ڀري ورتي آهي، قرض جو مدو 25 سالن جو هوندو، جڏهن ته ڪمرشل قرض تي 2 کان 3 سيڪڙو تائين وياج ادا ڪرڻو پوندو. دستاويزن مطابق ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان کي 330 ارب ڊالر جي برابر رقم بجيٽ اسپورٽ جي مد ۾ فراهم ڪئي ويندي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي ڪمرشل قرض تي 2 کان 3 سيڪڙو تائين وياج ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان ۾ سوا ارب ڊالر ستن سالن، جڏهن ته 25 ڪروڙ ڊالرن جو قرض 25 سالن جي مدي لا هوندو. واضح رهي ته پاڪستان کي هن وقت ٻوڏ سبب ٿيل تباهين کي منهن ڏيڻ لا اربين رپين جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button