پاڪستانسنڌ

لاهور مان ڪراچي آيل نقلي دوائن جي کيپ هٿيڪي

ڪراچي: لاهور مان ڪراچي ايندڙ جعلي دوائن جي کيپ پڪڙجي پئي. نقلي دوائن ۾ حياتي بچائيندڙ اينٽي بايوٽڪ دوا جي انجيڪشن شامل آهي. تفصيل مطابق سنڌ ڊرگ انسپيڪٽر لاهور مان ايندڙ نقلي دوائن جي کيپ پڪڙي ورتي. نقلي دوائنجي کيپ ڪارگو سروس صدر جي آفيس مان پڪڙي وئي. ان دوران جوابدار سڪندر کي نقلي دوائون وصول ڪندي گرفتار ڪيو ويو. انجيڪشن شديد بيمار ماڻهن ۽ ايس ڊي آر ٽائيفائيڊ جي علاج لاءِ ڏني وڃي ٿي، ڊرگ انسپيڪٽر سنڌ ٻڌايو ته اينٽي بايوٽڪ دوا جي هڪ انجيڪشن جي قيمت 4 هزار رپيا آهي، گرفتار جوابدار سڪندر ٻڌايو ته نقلي دوائن جي فيڪٽري ۽ پرنٽنگ پريس لاهور ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ڊرگ انسپيڪٽر جو چوڻ هو ته جوابدار کي قانوني ڪارروائي لاءِ برگيڊ ٿاڻي جي حوالي ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button