پاڪستانسنڌ

سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن جي واهر لا لائيو اسڪيچنگ مهم شروع

ڄامشورو: شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري پاران سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن مان پهتل ٻوڏ متاثرن جي سهائتا ۽ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ لائيو اسڪيچنگ مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي ناليوارن آرٽسٽن عبدالمالڪ چني، ڪاشف شهزاد ۽ شاهه رخ نعمان سميت شاگردن صوفي واحد، تحريم مقبول، شرمين عمراڻي، رباعشه ۽ حانيه تي مشتمل پينل حيدرآباد جي هڪ وڏي نجي شاپنگ مال ۾ ماڻهن جون تصويرون ٺاهڻ ۽ فنڊ گڏ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي.

آرٽسٽن جي پينل پاران روزانو جي بنياد تي شام جو 5 وڳي کان رات جو 10 وڳي تائين مال گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن جون موقعي تي تصويرون ٺاهيون پيون وڃن، جيڪو سلسلو هڪ هفتي تائين جاري رهندو. لائيو اسڪيچنگ مهم سان گڏوگڏ يونيورسٽي انتظاميا پاران راشن ڏيڻ جو سلسلو به جاري آهي، جنهن تحت 70 متاثر خاندانن کي هڪ هفتي جو راشن فراهم ڪيو ويو. يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر ٻڌايو ته اسان ٻوڏ سبب متاثر ٿيل هنرمند مردن توڙي عورتن جي ڊيٽا پڻ گڏ ڪري رهيا آهيون جن کي اداري ۾ ڏهاڙي جي بنياد تي عارضي طور روزگار فراهم ڪيو ويندو ۽ کانئن سندن هنر جي آڌار تي ڪم وٺي سندن خودداري واري جذبي کي اڀاريو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button