سنڌ

پنگريو شهر کي بچائڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي: اسماعيل راهو

بدين: يونيورسٽين ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ڪالهه ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان سان گڏ ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪيل خيما بستين جو دورو ڪيو. هن کوسڪي بائي پاس تي قائم ڪيل خيما بستي جي دوري دوران متاثرن کي فراهم ڪيل سهولتن جي باري ۾ ڄاڻ ورتي ۽ پڇا ڪئي ته ڇا کاڌ خوراڪ، پاڻي، صحت جون سهولتون باقاعده ڏنيون پيون وڃن يا نه؟ جنهن تي خيمن ۾ رهندڙن کين مليل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران کائڻ پيئڻ سميت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جنهن تي صوبائي وزير کين يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت هميشه عوام سان گڏ آھي ۽ سنڌ حڪومت پاران کين هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. ان موقعي تي هن لاڳاپيل آفيسر کي هدايت ڪئي ته هتان جي زمين کي ليول ڪيو وڃي ۽ صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين صوبائي وزير کي ٻڌايو ته متاثرين جي سهولت لاءِ هتي رات جي وقت جنريٽر ذريعي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. بعد ۾ صوبائي وزير پنگريو شهر پهتو ۽ ايڪسڪيويٽر جي مدد سان حفاظتي بند واري ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير چوڻ هو ته پنگريو شهر کي بچائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، انتظاميا ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن ته گرڊ اسٽيشن ۽ پنگريو شهر کي سيلابي پاڻي کان بچايو وڃي، جنهن لاءِ گرڊ اسٽيشن ۽ شهر جي چوڌاري ايڪسڪويٽر ذريعي حفاظتي بند لڳايو پيو وڃي. ان موقعي تي علائقي جي ڪجهه رهواسين صوبائي وزير کي خيمن جي کوٽ بابت آگاهي ڏني، جنهن تي صوبائي وزير ھدايت ڪئي انهن کي فوري طور تي خيما لڳائي ڊنا وڃن ۽ ان سان گڏ کين مڇر دانيون شيٽ ۽ ٻيو ضروري سامان پڻ فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر بدين پنگري جي عوام کي يقين ڏياريو ته انتظاميه هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيترو ممڪن ٿي سگهي رليف فراهم ڪيو وڃي، جتي به خيمن جي کوٽ آهي اتي اسان خيما فراهم ڪري رهيا آهيون. ڪيترن ئي هنڌن تي خيما شهر ٺاهيا ويا آهن جتي متاثرين کي پڪل کاڌو، پيئڻ جو صاف پاڻي، ترپال، مڇر دانيون پورٽيبل واش روم جهڙيون سهولتون ڏنيون پيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button