پاڪستانسنڌ

انتظاميا سهڪار ناهي ڪيو، مهيني کان دربدر آهيون: فوتي ٽن ڀاتين جي وارثن جي وڏي وزير کي دانهن

گولاڙچي/بدين: ڊمپر جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل ٻن ڀينرن ۽ هڪ ڀاء جي وارثن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آڏو دانهيو آهي ته انتظاميا ڪو به سهڪار نه ڪيو آهي، مهيني کان دربدر آهيون، توهان جي اچڻ کان اڳ ڀت جي هڪ هڪ ٿيلهي ۽ پاڻي جي بوتل ڏني وئي آهي. رپورٽ مطابق سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه بدين پهتو جتي هن امير شاھه سم نالي لڳ رليف ڪيمپ ۾ روڊ حادثي ۾ منور سميع جي ٽن ٻارن عنايت سميع، افشان ۽ سيما جي فوت ٿيڻ تي تعزيت ڪئي ۽ ٻارن جي مائٽن کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته هو ۽ سنڌ حڪومت ڏک جي هن گهڙي ۾ ساڻن برابر جي شريڪ آهي. ان موقعي تي برسات متاثر ۽ واقعي ۾ فوت ٿيل 3 ڄڻن جي وارثن وڏي وزير جي اڳيان دانهيندي چيو ته اسان سان هتان جي انتظاميا ڪو به سهڪار نه ڪيو آهي، اڄ توهان جي اچڻ کان پهريان هڪڙي هڪڙي ڀت جي ٿيلهي ۽ پاڻي جي بوتل ڏني وئي آهي. متاثرن چيو ته اسان گذريل هڪ مهيني کان هتي روڊ تي دربدر آهيون اسان جي ڪير به سار لهڻ وارو نه آهي، توهان آيا آهيون ته اسان جي واهر ڪئي وڃي. ان موقعي تي وڏي وزير ٻوڏ متاثر ۽ واقعي ۾ فوت ٿيل وارثن کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت اوهان سان گڏ آهي جيڪا هر ممڪن مدد ڪندي. بعد ۾ وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن دوران فوت ٿيندڙ جي پونئيرن کي تلافي طور 10 لک رپين جي رقم ڏني ويندي. هتي موجود متاثرن جا گهر ويجها آهن پر ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏيل آهن، متاثرن جو چوڻ آهي ته سندن گهر تائين رستو ٺاهي ڏنو وڃي تنهن تي هن ڊي سي بدين کي هدايت ڪئي ته هو سڀاڻي شام تائين کين رستو تيار ڪري ڏئي ته جيئن پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي سگهن. هن چيو ته آئون پاڻمرادو سڀاڻي ان مسئلي جي حوالي سان معلومات وٺندس. وڏي وزير چيو ته ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته متاثرن کي کاڌ خوراڪ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي حوالي سان جيڪي به شڪايتون آهن ان جو ترت ازالو ڪيو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته ايل بي او ڊي برساتي پاڻي لاءِ ناهي بلڪه آبپاشي جي پاڻي جي نيڪالي لاءِ ڊزائين ڪيو ويو هو. هن چيو ته ايل بي او ڊي جي گنجائش 4 هزار ڪيوسڪ جي آهي جڏهن ته هلندڙ سال 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي ايل بي او ڊي وٽان گذري رهيو آهي. هن چيو ته ايل بي او ڊي ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون پر جيڪڏهن هڪ هزار يا 12 سئو ملي ميٽر تائين برساتون پون ٿيون ته ايل بي او ڊي ان لاءِ ڊزائين نه ڪيو ويو آهي پر اسان اهو ڊزائين ضرور ڪري رهيا آهيون ته پاڻي ايترو وقت بيٺل نه رهي ۽ گهارن مان به ڪنهن حد تائين بچيو وڃي. اسان ان جي اسڪيم اڳئي تيار ڪري رکي آهي پر فنڊز گهربل آهن اسان سپريم ڪورٽ کان درخواست ڪئي هئي ته اها اسان کي بحريا ٽائون جي رقم ڏئي ته جيئن اسين سنڌ جي ٻهراڙي ۾ ان اسڪيم لاءِ ڪم ڪيون جيڪا اسان کي اڃاتائين نه ملي آهي. هن چيو ته اسان وفاق ۽ بين الاقوامي ادارن کي به چونداسين ۽ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل به چيو آهي ته موسميات تبديلي جي ذميواري سنڌ يا پاڪستان جي ماڻهن تي لاڳو نه ٿي ٿئي بلڪ اها ترقي يافته ملڪن تي آهي جنهن جي ڪري ماحوليات تبديليون اچي رهيون آهن جڏهن ته تڪليفون سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام کي ڀوڳڻيون پون ٿيون. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي گهرجي ته اسان جي مدد ڪري ته جيئن متاثر ماڻهن کي ان مشڪل گهڙي مان جلد کان جلد ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي. ايل بي او ڊي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي ڊي سي ٻڌايو ته بدين سنڌو درياهه جي سسٽم جي هيٺ حصي ۾ واقع آهي ۽ هن دفعي برساتن جي ڪري پورو ضلعو ٻڏي ويو آهي، قدرتي آفت جي دوران ايل بي او ڊي ۾ گهارن جو هميشه خطرو رهي ٿو جڏهن ته ايل بي او ڊي سانگهڙ، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعي جي پاڻي جي نيڪالي ڪري ٿو. هن ٻڌايو ته هن وقت ايل بي او ڊي پنهنجي گنجائش کان وڌيڪ وهي رهيو آهي. هن چيو ته ايم ايم ڊي ۾ گهارو پوڻ سبب ٽنڊو باگو جي 6 يوسز جي 150 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جن سان 52 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ڊي سي بدين ٻڌايو ته سنڌ حڪومت 9 هزار 750 راشن بيگس ، 8 هزار 85 خيما ، 12 هزار 400 ترپال ،59 هزار 600 مڇردانيون، 3 هزار 600 جيري ڪين ۽ 32 پاڻي جي نيڪالي جون مشيون مهياڪيون آهن ريليف جو سامان ورهايو ويو آهي ، بدين جي ڪل 96 هزار 73 آبادي بي گهر ٿي آهي جنهن ۾ 10 هزار 452 بدين ، 19 هزار 151 شهيد فاضل راهو، 12 هزار 815 ماتلي ۽ 8 هزار 632 تلهار شامل آهن. هن چيو ته 18 ٽينٽ سٽيز قائم ڪيا ويا آهن جتي 6 هزار 776 ماڻهو ترسيل آهن جڏهن ته 8 امدادي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جتي 1227 ماڻهو رهيل آهن جڏهن ته 6 هزار ماڻهو روڊن لڳ رهيا پيا آهن _ برساتن دوران 24 ماڻهو فوت ۽ 21 زخمي ٿيا آهن. وڏي وزير ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته متاثرن جي وڌ ۾ وڌ خيال رکيو وڃي، اسان کي محبت ۽ احترام سان سندن خدمت ڪرڻي آهي _ ان موقعي تي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ، ڄام خان شورو ، قومي اسيمبلي مير غلام علي ٽالپر، صوبائي وزير خاص معاون حاجي رسول بخش چانڊيو ، پير نور ا لله قريشي ، سيد قاسم نويد قمر ، تنزيلا قمبراڻي، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر امير ا لله بخش ٽالپر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button