پاڪستان

پاڪستان کي روس مان گئس جي فراهمي ممڪن، پيوٽن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ڇڏي

روس جي صدر ولاديمير پيوٽن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ اها خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان کي روس مان پائيپ لائين گئس جي فراهمي ممڪن آهي، هن اهو پڻ انڪشاف ڪيو ته گئس سپلائي لا ضروري انفرا اسٽرڪچر اڳواٽ ئي موجود آهي. روس جي سرڪاري خابرو اداري مطابق صدر ولاديمير پيوٽن اهڙو اظهار ازبڪستان جي شهر سمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سان ٿيل ملاقات ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف ازبڪستان جي شهر سمرقند ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان سائيڊ لائن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان دوران روسي صدر چيو ته روس کان پاڪستان تائين گئس پائيپ لائين اڳيئي موجود انفرا اسٽرڪچر جو حصو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن مُلاقات ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪيو. شهباز شريف غذائي تحفظ، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ سيڪيورٽي سميت گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم روس پاران پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ جي متاثر ماڻهن لاءِ يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت تي صدر پيوٽن جا ٿورا مڃيا ۽ کيس موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ آفت جي تباهي آڻيندڙ اثرن بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو. افغانستان ۾ روس جي تعميري ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه فقط پاڪستان پر روس ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي قدمن جي رفتار تيز ڪرڻ ضروري آهي. اهم ملاقات بابت اطلاعات جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب دعويٰ ڪئي آهي ته روس پاڪستان جون گئس جون ضرورتون پوريون ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي 22 هين اجلاس دوران ايران جي صدر ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو، ڪرغيزستان جي صدر سيدر جيپاروف، ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف، ازبڪ وزيراعظم عبدالله اريپوف، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۽ ٻين اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون. واضح رهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سميت مختلف ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل ۽ بچا وارو وزير خواجا آصف به وزيراعظم سان گڏ موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button