سنڌ

قمبر ۾ بااثر وڏيري جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ ڀٽا برادري وڏيري جي زيادتين خلاف ٽئين ڏينهن به پريس ڪلب قمبر اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن الزام لڳائيندي چيو ته اسان جي زرعي زمين ڳوٺ الله رکيو جوڻيجو ۾ 25 جريب آهي، ان زمين جو سَتُون فارم مڪمل ڪاغذ هوندي به وڏيرو بااثر مَلڪ غيبي چانڊيو ۽ مشتاق چانڊيو قبضو ڪري پنهنجا هٿياربند ڏوهاري ويهاري ڇڏيا آهن. اسان ايم پي اي سردار خان چانڊيو وٽ بار بار دانهيو ته مَلڪ غيبي اوهان جو سڳو سئوٽ آهي جنهن اسان سان ظلم ۽ جبر ڪري اسان جي زرعي زمين 25 جريب تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل به هو کڻائي ويو هو، هاڻي ان سڄي زمين تي هٿيارن جي ڏاڍ تي رونبو پڻ ڪرائي ويا آهن پر سردار خان چانڊيو ڪو مثبت جواب ناهي ڏنو. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ناحق قبضو ڪيل زمين واپس ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي سلسلو جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button