سنڌ

باڊهه ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

بادهه ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻن راحيل گاڏهي، رحمت چانڊيو، امتياز سولنگي، ڪامريڊ اصغر نوناري، گدا تنيو، ڪوڙل ملاح، ۽ ٻين حيدر چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته ماڻهن روڊن رستن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ پناهه وٺي ڇڏي آهي جن کي راشن، خيما، مڇردانين ۽ دوائن جي سخت ضرورت آهي، شهر ۽ ڳوٺن جا ماڻهو گهر ۽ ملڪيتون تباهه ٿيڻ بعد بي يارو مددگار ٿي تڪليف واري زندگي گهاري رهيا آهن. هنن صلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته متاثرن کي راشن، خيما، مڇردانيون ۽ دوائن جي سهولت ڏيئي انساني زندگيون بچايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button