سنڌ

باقراڻي جي مختلف ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف متاثرن جو ڌرڻو

باقراڻي جي مختلف ڳوٺن برسات متاثرن جي يو آئي ڪارڪنن سان گڏجي موهن جو دڙو روڊ تي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي جي يو آئي اڳواڻ قاري قمرالدين سهڙو، آدم سهڙو، حافظ الهڏنو سهڙو، عبدالمتين سهڙو، عبدالغني سهڙو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٽي هفتا گذري ويا پر اڃان تائين گهرن ۽ ڳوٺن ۾ 5 کان 8 فوٽ پاڻي بيٺل آھي، اسان دربدري واري زندگي گذاري رھيا آھيون. گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، فصل تباهه ٿي ويا. برساتي پاڻي ۾ ڍور مري ويا ۽ 4 ماڻھو به مري چڪا آهن، ڪجھه ماڻھو گيسٽرو ، مليريا سميت ٻين بيمارين سبب اسپتال داخل آھن پر انتظاميا سار لڌي آهي نه وري چونڊيل نمائندن ڪا واهر ڪئي آهي. اسان بي يارو مددگار روڊن تي ويٺل آهيون. ان موقعي تي جي يو آ اڳواڻ محبت علي کهڙو ڌرڻي هنڌ پهچي مظاهرين جون انتظاميا سان ڳالهايون ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. هن متاثرين کي خاطري ڪرائي ته ٽن ڏينهن اندر پاڻي نيڪال نه ٿيو ته جي يو آئي اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومري جي قيادت سان اوهان سان گڏجي چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن جي آفيسن ۽ بنگلن آڏو احتجاجي ڌرڻا هڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button