سنڌ

بخشاپور ۽ ڀرپاسي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

بخشاپور ۽ ڀرپاسي جي واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو. بخشاپور مائينر، شاهي ڪئنال ۽ ٻين واهن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين ھمير خان ڊومڪي، امير الدين لاشاري، ظفر لاشاري، امداد لاشاري، شاھد ڊومڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته بخشاپور مائينر ۽ شاھي ڪئنال سميت ڀرپاسي وارن واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جيڪا آبپاشي عملي جي سازش آهي. هنن چيو ته اسان اڳ ئي برسات ۽ ٻوڏ جا ستايل آهيون، برساتن سبب گھر ڊھي پيا ۽ بي گھر ٿي ويا آھيون، جڏهن ته سرڪار پاران ڪا مالي مدد نه ڪئي وئي آهي، مٿان وري پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن سان ظلم ڪيو ويو آهي، پاڻي نه ملڻ سبب ساريالو فصل سڪي رھيو آهي، جنهن ڪري آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. وقت تي فصل کي پاڻي نه ملندو ته آبادگار ڪنگال بڻجي ويندا. ان موقعي تي آبادگارن بلاول ڀٽو، وڏي وزير ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته بخشاپور مائينر ۽ شاھي واهه سميت مختلف واھن ۾ پاڻي ڏيئي آبادگارن کي وڏي نقصان کان بچائي پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button