سنڌ

”زيرو پوائنٽ تان ڪٽ ڏيو“ جهڏي ۾ شهرين جو مين روڊ تي ڌرڻو

”زيرو پوائنٽ تان ڪٽ ڏيو“ جهڏي ۾ آبادگارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن مين روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. جهڏو ۾ ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي سڏ تي مختلف تنظيمن عوامي تحريڪ، جسقم، ايس ٽي پي ۽ ٻين زيرو پوائنٽ تي ڪٽ نه هڻڻ خلاف مٺي-ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو. ڌرڻي سبب مين ها وي مڪمل طور بلاڪ ٿي ويو، جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ۾ اڳواڻن اياز کوسو، محب ڀيل، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، قادر ڀنڀرو، نياز کوسو، عباس کوسو، اشفاق لغاري، شوڪت چانڊيو، ممتاز علي ميمڻ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته پاڻي جي قدرتي وهڪرن تي آر ڊي 211 زيرو پوائنٽ تي قبضا ڪيا ويا آهن جنهن سبب پنج ضلعن جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه پيو ٿئي، لکين جي تعداد ۾ عوام ٻڏي تباهه ٿي وئي آهي پر سنڌ سرڪار پاڻي جو قدرتي لنگهه بحال ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته پاڻي نيڪال ڪرڻ جو واحد حل زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ آهي، هنگامي بنيادن تي ڪٽ ڏئي عوام کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هنن چيو ته شهر ۾ پنج فوٽ بيٺل پاڻي هاڻي بدبو ڪري ويو آهي جنهن سان مليريا، ڊينگي، گيسٽرو، الٽي ۽ ٻين بيمارين منهن ڪڍيو آهي، ماڻهن جي علاج لاءِ ڪا سہولت ناهي، جڏهن ته زمينون ٻڏي وڃڻ ڪري هاري مزدور ۽ ڏهاڙيدار طبقو غربت ۽ مفلسي جي ور چڙهي ويا آهن. هوڏانهن واٽر سپلائي لائينن ۾ ٻوڏ وارو پاڻي گڏجڻ سبب شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي. رھواسي پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آهن، جڏهن ته سرڪار طرفان روڊن رستن تي کليل آسمان هيٺان بي ويٺل ٻوڏ متاثرن جي ڪا واهر نه ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button