سنڌ

مدئجي ويجهو ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

مدئجي ويجهو ڳوٺ بيگو جکرو ڀرسان ويٺل شر برادري جي رهواسين پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مظاهرين نويد شر، سعيد شر، نصيبان شر، گلشن شر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته هڪ سال اڳ پنهنجي برادري جي جوابدارن ثنا الله شر، امان الله شر، ارباب شر ۽ نواب شر پيرچنڊام ڀرسان فائرنگ ڪري اسان جي ڀا امتياز شر ۽ اسان جي پي رضا محمد شر کي قتل ڪيو هو، جن جي قتل جو ڪيس ڊکڻ ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو. جنهن کانپو جوابدار ڌر پوليس سان ملي ڀڳت ڪري اسان جو ڪيس مدئجي منتقل ڪيو آهي، جنهن کانپو ڊي ايس پي مدئجي ڪيس چالان نٿو ڪري. هنن چيو ته جوابدار اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لا موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هنن اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته اختياريون نوٽيس وٺي ڀا ۽ والد جي قتل ڪيس ۾ ملوٽ جوابدارن کي سزا ڏئي انصاف ڏياريو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button