اسلام آبادپاڪستان

دواساز ڪمپنين طرفان پيناڊول ۽ پراسيٽامول ٻيهر تيار ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد :صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته بخار ۾ استعمال ٿيندڙ دوائن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون. جمعي تي پيناڊول ۽ پيرا سيٽا مول جي حوالي سان ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ بخار جون دوائون ۽ پيداوار جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ دوائون ٺاهيندڙ ڪارخانن دوا جي پيداوار ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ خاطري ڪرائي آهي. اجلاس ۾ فارما ڪمپنين مينوفيڪررز، سپلائيز ۽ عملدارن به شرڪت ڪئي. پاڪستان فارما سيفٽيڪل مينوفيڪررز ايسوسيئيشن جي سربراهه قاضي منصور دلاور چيو ته حڪومت بخار جي دوا جي قيمت جو معاملو حل ڪرائڻ ۽ ڪمپنين جو پيرا سيٽامول جي ڪچي مال جي قيمت ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته پيناڊول سميت ٻين ڪمپنين جو بخار جي دوا تيار ڪرڻ وقتي طور شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڊريپ ايڪٽ تحت سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button