اسلام آبادپاڪستانسنڌ

متاثرن جا خيما لڳائڻ لاءِ خشڪ زمين ميسر ناهي:شيري رحمان

اسلام آباد:موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان پاڪستان ۾ جاپان جي سفير مٽسو هيروواڊا ملاقات ڪئي. وفاقي وزير سفير کي ملڪ ۾ جاري امدادي ڪوششن، سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب تباهي ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻيهر بحاليءَ جي ڪمن، امداد جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. جاپان جي سفير ٻوڏ جي تباهه ڪارين سبب ٿيل قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ شديد تباهيءَ تي جاپاني حڪومت ۽ عوام طرفان دلي تعزيت ۽ گهري افسوس جو اظهار ڪيو. جاپان جي سفير سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب 1508 ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ 12 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. 300 کان وڌيڪ پُل ٽُٽي چڪا آهن ۽ تقريبن 13 هزار ڪلوميٽر روڊن کي شديد نقصان پهتو آهي، جنهن سان ٻوڏ متاثر علائقن تائين رسائي ڪٽجي وئي آهي. هن چيو ته فوري بچاءُ ۽ انساني امداد هڪ فوري ڪم بڻجي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته متاثرن جا خيما لڳائڻ لاءِ خشڪ زمين ميسر ناهي. هن چيو ته اسان وٽ سال جي شروعات کان ئي هڪٻئي پٺيان موسمياتي واقعا رونما ٿيندا رهندا آهن. سنڌ ۾ گرمي پد 53 ڊگري تائين پهچي ويو. اُلٽي ۽ دست، ڊينگي ۽ ٻين بيمارين ۾ متاثر آبادي صحت جي بحران کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته 33 ملين ماڻهو شديد متاثر ٿيا آهن. جاپاني سفير وفاقي وزير کي انساني امداد جي باري ۾ بريفنگ ڏني ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين سبب ٿيل نقصانن کي نظر ۾ رکندي جاپان حڪومت طرفان پاڪستان لاءِ 7 ملين ڊالرن جي ايمرجنسي گرانٽ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وفاقي وزير جاپان جي سفير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اسان جاپان جي عوام جا بيحد شڪرگذار آهيون جو هنن تعاون فراهم ڪيو ۽ پاڪستان جي ٻيهر تعمير ۾ مدد جا خواهشمند آهيون. اسان کي پائيدار تعمير لاءِ وڌيڪ فنڊز جي ضرورت پوندي. اسان جو مقصد بنيادي ڍانچي کي ٻيهر بهتر بڻائڻ ۽ پاڻي گهٽ ٿيڻ کانپوءِ پيدا ٿيل خوراڪ، پاڻي ۽ روزگار جي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button