پاڪستان

حڪومت اٽي جا اگهه ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام، في ڪلو 135 رپيا ٿي ويو

اسلام آباد: قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ وارا حڪومتي قدم ڪوبه لاڀ نه ڏئي سگهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ سموري ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ تيزي سان واڌ ٿيڻ لڳي آهي. 15 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1550 کان وٺي 2600 روپين تائين وڪرو ٿيڻ لڳو. سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ فلور ملز کي سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا شروع نه ٿيڻ سان صورتحال خراب ٿيڻ لڳي. قيمتن ۾ لاڳيتو واڌ سبب غريب عوام پريشان ٿي ويو آهي.

ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ورهاست جي لاءِ به اٽي جي گهرج ۾ اضافو ٿيو آهي. مختلف شهرن ۾ ڪڻڪ جي قيمت 4 هزار رپيا في مڻ کان به وڌيڪ ٿي وئي آهي. اهڙي طرح لاهور ۾ 15 ڪلو نجي اٽي واري ٿيلهي جي قيمت 1500 رپيا، راولپنڊي 1750، پشاور 2300 کان 2500 رپين تائين، ڪراچي ۾ 2200 روپين تائين پهچي وئي. بلوچستان ۾ ڪڻڪ نه هجڻ سبب فلور ملز بند ٿي ويون آهن. جڏهن ته پنجاب کان ايندڙ اٽي جي قيمت 2600 رويپن کان وڌيڪ ٿي وئي. وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ نجي شعبي کي امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي ٻيهر غور شروع ڪري ڏنو آهي.

گذريل هفتي اقتصادي رابطا ڪميٽي به نجي شعبي کي 8 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ جي سفارش ڪئي هئي جنهن کي وفاقي ڪابينا رد ڪري ڇڏيو هو. پنجاب ۾ ايندڙ هفتي سرڪاري ڪڻڪ اٽي جي قيمت ۾ امڪاني واڌ تي دڪاندارن ۽ ڊيلرن ذخيرو ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏي آهي. ملڪ جي ٻين شهرن جيان ڪراچي ۾ به اٽي جو بحران پيدا ٿي ويو جتي في ڪلو اٽي جي قيمت 125 روپين تائين پهي وئي. ننڍي چڪي جو اٽو 135 روپيه ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو. سنڌ ۾ سرڪاري قيمت 4000 روپيه في مڻ مقرر ڪرڻ کان پوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت کي پر لڳي ويا. جتي ڪڻڪ جي قيمت 110 رپيا ڪلو تائين پهچي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button