پاڪستانسنڌ

مسوڀرڳڙي لڳ اسڪول جا چاپڙ ڪري پيا، شاگردن ۾ ڀاڄ پئجي وئي

مسوڀرڳڙي: مسوڀرڳڙي ويجهو گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول ظهير ٻارچ جا چاپڙ ڪري پيا، شاگرد محفوظ رهيا، خبر موجب مسوڀرڳڙي ويجهو گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول ظهير ٻارچ جي ڇت جا چاپڙ اوچتو تدريسي عمل دوران ڪري پيا، جنهن سبب اسڪول ۾ پڙهندڙن شاگردن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو پر اسڪولي شاگردن ۾ سخت خوف ڇائنجي ويو آهي، واقعي جو ٻڌي ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا.

ان موقعي تي سماجي اڳواڻ منور ٻارچ ٻڌايو ته تعليم کاتي ۽ ايجوڪيشن ورڪس جي نااهلي سبب ڳوٺ ظهير ٻارچ جو پرائمري اسڪول شديد زبون حال ٿي ويو آهي، اهڙي ماحول ۾ معصوم ٻارڙا پنهجون زندگيون خطري ۾ وجهي به تعليم پرائي رهيا آهن. هن چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسڪول جو مرمتي ڪم ڪرايو وڃي ته جيئن اسڪول جا ٻارڙا بنا خوف جي تعليم پرائي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button