پاڪستانسنڌ

جاتي ۾ گڏاپ ڍنڍ ۽ زمينن تي بااثر ماڻهن جي مبينا قبضي خلاف احتجاج

جاتي: بااثر پٺاڻ برادري جي ماڻھن پاران ديھه دونھي ۾ گڏاپ ڍنڍ ۽ زمينن تي مبينا قبضي خلاف جاتي ۾ ڳوٺ عبدالرحمان ڌانڌل جي رھواسين فيض محمد ڌانڌل، شير محمد ڌانڌل، اڪبر چانگ، غلام حسين ٻارڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لينڊا واھه چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعر تي هنن چيو ته بااثرن روزي خان پٺاڻ، بسم الله پٺاڻ، زرين پٺاڻ، گڏاپ ڍنڍ ۽ اسان جي زمينن تي قبضي جي ڪوشش ڪندي اسان جي گھرن تي فائرنگ ڪئي آھي. ھنن چيو ته بااثر پٺاڻ اسان جي ڍنڍن ۽ زمينن تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ۽ اسان کان روزگار کسڻ لا اسان تي دٻا وجھي رھيا آھن.

ھنن اعلى اختيارين کان انصاف جي گھر ڪئي آھي. جڏھن ته “سنڌ ايڪسپريس” پاران رابطي ڪرڻ تي الزام ھيٺ آيل ڌر جي اڳواڻ روزي خان پٺاڻ فون تي واقعي جي ترديد ڪندي چيو ته اسان ڪابه فائرنگ نه ڪئي آھي ۽ نه ڍنڍ ۽ زمينن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن چيو ته اسان جي مخالفن دانش ملڪاڻي ۽ شاڪر ملڪائي پنھنجا ذاتي ماڻھو اسان جي خلاف بيھاري احتجاج ڪرايو آھي. ھن چيو ته واقعي جي انڪوائري ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button