پاڪستانسنڌ

ٽنڊو محمد خان ۾ پٽن ۽ ڌي جي مبينا ظلمن خلاف پيرسن عورت جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان جي مشترڪه ڪالوني جي رهواسڻ پيرسن عورت فهميده ميمڻ پنهنجي ٽن پٽن ۽ هڪ ڌيءِ جي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو آهي، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ فهميده ميمڻ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته سندس مڙس محمد حسين ميمڻ مهينو اڳ فوت ٿيو آهي، جنهن کيس حياتي ۾ تشدد مارڪٽ جو نشانو بڻائي ظلم ۽ زيادتي جي انتها ڪئي هئي. جنهن سان 25 سال ڏک سور ۾ ڪٽي مجبور ٿي هن کان الڳ ٿيڻ سان گڏ طلاق ورتي هئي. مڙس جي وفات کانپوءِ هاڻي هڪ ڌيءَ انجيڪشن ذريعي قتل جي ڪوشش ڪئي آهي ته پٽ قتل ڪرائڻ جا منصوبه ٺاهي رهيا آهن. هن چيو ته پٽن ۽ ڌيءَ مان حياتي جو خطرو آهي. تحفظ ڏنو وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button