پاڪستانسنڌ

سنڌي ادبي سنگت جو ٻوڏ متاثرن کي 3 ڪمرن جو گهر ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو

ڄامشورو: سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت نامور فنڪار منظور چانڊيو جي ٿي. سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻي ۾ سنڌ جي مشهور مرحوم شاعر امداد حسيني جي ياد ۾ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. جڏهن هـ ان موقعي تي گڏيل ٺھرا پاس ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پيل تباهه ڪن بارشن جو ازالو ڪيو وڃي، ڌرتي ڌڻين جي ميسارجي ويل گهرن جي جا تي ٽن ڪمرن جو گهر ٺھرائي ڏنو وڃي، زمين جي کيڙڻ واسطي مفت ٻج فراھم ڪيو وڃي ۽ جنهن جو به مال چاھي ٻاڪرو يا مينھن ٻڏي مري چڪو آهي، انهن کي گھٽ ۾ گهٽ 3 لک روپيا بنا وياج جي قرض ڏنو وڃي. گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن ان ٺھرا جي حمايت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اسرار اسلم، ڊاڪٽر شير کوسو، شڪيل جروار، فھيم نوناري، بابو سومرو، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، يوسف جويو، حسين سارنگ، ڊاڪٽر سلطان وارث، زاھد مرتضى، ولي ڏاھري، ڄام وقار انڙ، نثار لاکير ۽ قدير جروار شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button