پاڪستانسنڌ

پراڻ ڍوري ۾ چاڙهه برقرار، جهڏي شهر ۾ 6 فوٽ پاڻي بيٺل، خوراڪ جي کوٽ

جهڏو: جهڏو جي پراڻ ڍورو ۾ پاڻي اندر لاٿ نه آئي، پراڻ ڍوري جو پاڻي ايل بي او ڊي سم نالي نه کنيو، جنهن سبب شهر جا ڪيترائي علائقا ۽ سوين ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آهن، شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻوڏ متاثر آزار ۾ اچي ويا. ان سلسلي ۾ جهڏو مان گذرندڙ پاڻي جي قدرتي لنگھه پراڻ ڍورو اندر پاڻي جي سطح ۾ لاٿ نه اچي سگهي آهي، پراڻ جو پاڻي ايل بي او ڊي سم نالي ۾ نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڍورو ۾ مسلسل چاڙهه برقرار آهي. ايل بي او ڊي ۾ پاڻي جي سطح وڌيڪ هجڻ ڪري ايل بي او ڊي پراڻ جو پاڻي نه پئي کڻي، جنهن سبب شهر جي شيدي پاڙي، عاشق ڪالوني،هاشم ڪالوني، کوسا پاڙي، غلام حسين ڪالوني ۽ اسلم ٽائون سميت ڪيترن ئي علائقن ۽ سوين ڳوٺن ۾ 3 کان 6 فوٽ تائين پاڻي بيٺل آهي، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري شهر اندر پيئڻ جي پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن سبب ٻوڏ متاثر گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ ويٺل هزارين ٻوڏ متاثرن جي سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميا ڪا مدد ناهي ڪئي، جنهن سبب متاثر بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ٻئي پاسي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار توڙي مقامي انتظاميا قدم نه کنيا. ان سلسلي ۾ رهواسين گهر ڪئي ته ايل بي او ڊي جي آر ڊي 211 زيرو پوائنٽ تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي پاڻي جا بند ڪيل لنگهه کولرائي پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button