پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ ايئر فورس پاران 5 سئو متاثرن ۾ راشن ورهايو ويو

جھڏو: جهڏو سان تعلق رکندڙ پاڪستان ايئر فورس جي نوجوان جنيد انڙ پاڪستان ايئر فورس کي ڪيل اپيل جي نتيجي ۾ گذريل ڏينهن پاڪستان ايئر فورس سنڌڙي ايئرپورٽ بيس ڪمانڊر عمران، سي ڊبليو او ضياءَ ۽ سندن ٽيم انڙ هائوس تي راشن جا 5 سئو بيگ ورهايا. ان موقعي تي پاڪستان ايئر فورس سنڌڙي بيس جي ڪمانڊر عمران ۽ سي ڊبليو او ضياءَ چيو ته ٻوڏ جي آيل عذاب ۾ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏبو، جھڏو سان تعلق رکندڙ ايئر فورس جي نوجوان جنيد انڙ جو چوڻ هو ته هن ٻوڏ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڏهاڙيدار پورهيت ٿيو آهي، پنهنجي وطن جي ماڻهن جي خدمت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. جڏهن ته سنڌڙي جي بيس ڪمانڊر عمران امداد جي بهتر ورهاست دوران زبردست ضابطي تحت امن امان جا انتظام ڪندڙ معزز شخصيت شفيق احمد انڙ کي ساراهيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button