پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان گهوٽڪي فيڊر مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش مليو

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو مريد شاخ لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد گھوٽڪي فيڊر مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش مليو، اهڙو اطلاع علائقي واسين کنڀڙا پوليس کي ڏنو، جنهن بعد پوليس واقعي ھنڌ پھچي علائقي واسين جي مدد سان لاش واھه مان ڪڍيو. پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو. جڏهن ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري سردخاني حوالي ڪيو ويو. ياد رھي ته پنجن ڏينھن ۾ گهوٽڪي فيڊر مان ٻيو لاش مليو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button