پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف عورتن جو مظاهرو

ٿرڙي محبت (ن، سنڌ ايڪسپريس) ٿرڙي محبت جي مين پرائمري اسڪول ۾ قائم رليف ڪئمپ ۾ ويٺل برسات متاثر عورتن، مردن ۽ معصوم ٻاهر واهر نه ٿيڻ ۽ بجلي، پاڻي ۽ صحت جون سهولتون نه ملڻ خلاف مک روڊ تي هڪ ڪلاڪ تائين مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته گذريل هڪ مهيني کان ڪئمپ ۾ ويٺل آهيون،برسات سبب ۾ گهر ڊهي ويا، گهر نه هجڻ ڪري ٻارن سميت سرڪاري اسڪولن ۾ پناهه ورتي، پر اڃا تائين سرڪار ۽ انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن راشن، پيئڻ جو پاڻي، دوائون ۽ ٻيون سهولتون ناهن ڏنيون، ڪئمپ ۾ بجلي به ناهي، گرمي ۽ مڇرن سبب آزار ۾ آهيون، ٻار بيمار ٿي پيا آهن، پر چونڊيل نمائندا گم آهن. هنن گهر ڪئي ته جلد امداد ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button