سنڌ

مدئجي ۾ مرزاپور جي صحافي کي کنڀڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

مدئجي ۾ مرزاپور جي صحافي وسيم سولنگي کي لکي ۽ نئون امروٽ پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ڊکڻ، مرزاپور ۽ مدئجي جي صحافين اڪرم چانڊيو، ياسين ڌاريو، اصغر ٿھيم، جئرام داس، معظم ڀٽو، ايازسومرو، ايوب بروھي، شعيب بروھي، شير محمد بروهي، سڪندر راهوجو، حڪيم سھتو، ياسين ڌاريجو، اصغر ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ڪوريج دوران لکي ۽ نئون امروٽ جي پوليس اٽالن مرزاپور جي صحافي وسيم سولنگي کي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. قلم ڌڻين ايس ايس پي شڪارپور کي چتا ڏيندي چيو ته جيڪڏهن صحافي کي کنڀي گم ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف نه مليو ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو, هوڏانهن احتجاج دوران پوليس صحافي وسيم سولنگي کي آزاد ڪري ڇڏيو، جيڪو مظاهري واري هنڌ پهتو، جتي هن دانهيندي چيوته ٿاڻي جي اهلڪارن ناحق کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد اهلڪارن تذليل ڪري منهنجي وڊيو پڻ ٺاهي هئي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button