سنڌ

لاڙڪاڻي ۽ ميهڙ واسڻ عورتن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۽ ميهڙ جي رهواسڻ عورتن واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شهر جي نجف ڪالوني واسڻ عورت سڪينه ڀٽي دانهيندي چيو ته نجف ڪالوني ۾ گهر ڪري پيو، ٻچڙا وٺي روڊ تي ويٺي آهيان، يوسي ون امپائر ٽائون جو چيئرمين ابراهيم کوسو ٽينٽ ۽ راشن لاءِ لاڳيتو 15 ڏينهن پنڌ ڪرائڻ بعد هاڻي سامان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ميهڙ جي ڳوٺ حاصلو کوسو جي رهواسڻ بشيران کوسو دانهيو ته اسان جو گهر ٻڏي ويو جنهن بعد لاڙڪاڻي جي رتوديرو روڊ تي عارضي رهائش اختيار ڪئي پر هن وقت تائين راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي مليو، جنهن ڪري گهر ڀاتي بکون ڪاٽي رهيا آهن پر ڪنهن کي ڪو رحم نه پيو اچي. هنن بلاول ڀٽو، وڏي وزير سميت ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ٽينٽ ۽ راشن ڏئي گهر ڀاتين کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button