سنڌ

قبو سعيد خان ۾ ايس ٽي پي جو ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

قبوسعيد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٻُوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ضلعي صدر ڪامريڊ حيات تنيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري گوادر موٽر وي تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ڪامريڊ حيات تنيو، غلام نبي چنو، غلام مصطفيٰ بروهي، معشوق مگسي، احمد مگسي، عبدالرحيم حيدري، رياض کوسو، اڪبر چنو، رمضان مگسي، غلام شبير کوسو، در محمد مگسي ۽ ٻين چيو ته قبو سعيد خان سڄو تعلقو ٻُوڏ سبب تباهه ٿي ويو آھي. لکين ماڻھو متاثر ٿي روڊن تي کُلي آسمان هيٺان بي يارو مددگار بڻيا ويٺا آھن پر سرڪار، چونڊيل نمائندا ۽ سموري انتظاميا ذميوارين کان لاتعلق ۽ غيرذميوار بڻيل آھن، جنهن ڪري متاثرن جي زندگي عذاب بڻيل آھي. هنن چيو ته متاثرن کي راشن ۽ دوائن سميت ڪا سهولت ميسر ناهي. چونڊيل نمائندا سياسي بنيادن تي صرف پنهنجن من پسند ماڻھن جي وارثي ڪري رهيا آھن. ڊي سي، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار سميت سموري انتظاميا عوام جي واهر ڪرڻ بدران چونڊيل نمائندن جي نوڪري ڪري رهيا آھن. هنن چيو ته مسلسل پاڻي بيهڻ ڪري علائقي ۾ مليريا، گيسٽرو ۽ خارش سميت وبائي بيماريون پيدا ٿي چڪا آھن پر سرڪار توڙي صحت کاتو مڪمل طور تي غافل آھي. هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ٻُوڏ متاثرن جي جلد واهر ڪري سندن راشن ۽ دوائن سميت سموريون بنيادي گھرجون پوريون ڪيون وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button