سنڌ

ڏوڪري ۾ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڏوڪري جي پيرسن شخصيت ۽ رازي ڪاريگري جو ڪم ڪندڙ سلطان احمد شيخ جي اڳواڻي ۾ متاثر ٿيڻ ڪري واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي سلطان احمد شيخ، فاروق احمد، سعيد احمد، علي نواز، نويد شيخ، راحيل شيخ ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ ۾ اسان جو گھر مڪمل ڊهي پٽ پئجي ويو ۽ سمورو مال لڙهي ويو، جنهن ڪري سموري خاندان مجبور ٿي جانيون بچائي کليل آسمان هيٺ جهوپڙين ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي، جتي هن وقت تائين راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي مليو ۽ اسان ڪيترن ئي ڏينهن کان بک ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهيون. هنن چيو ته هينئر تائين بي يارو مددگار ويٺل آھيون. هنن بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد لي شاهه کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي واهر ڪري راشن، ٽينٽ سميت امداد ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button