پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاھه لڳ ڳوٺ مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڀٽ شاھه: ڀٽ شاھه ڀرسان ڳوٺ غلام علي پنھور مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نويد پنھور، اڪبر پنھور، مجيب الرحمان، محمد عمر پنھور، ڏاڙھون پنھور ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ سميت فصل ۾ برساتي پاڻي بيٺل آھي، بيمارين ۾ مبتلا ٿي رھيا آھيون، ضلعي انتظاميه ڪا سار نـ لڌي آھي. مڇرن جو آزار به وڌي ويو آھي، گھرن ۾ مھينو گذري وڃڻ باوجود گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آھي. چونڊيل نمائٔندن مالڪي نه ڪئي آھي، اسين بي يارو مددگار ويٺا آھيون. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت فوري طور تي نوٽيس وٺي ۽ اسان جي ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي بيمارين کان ـبچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button