پاڪستانسنڌ

پنجاب حڪومت ٻوڏ متاثرن جي خوراڪ جا ٽرڪ بارڊر تي روڪي چڌيا آهن: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ۽ رين ايمرجنسي فوڪل پرسن حيدرآباد شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته معاوضو ڪنهن جاني نقصان جي جا نٿو وٺي سگهي، ڪيترن ئي خاندانن جا ڪمائيندڙ تازين برساتن سبب لاڏاڻو ڪري ويا آهن. سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته فوت ٿيندڙ ماڻهن جي وارثن کي في خاندان 10-10 لک رپيا معاوضي طور ڏنا ويندا. هن چيو ته ڏيڍ ڪروڙ آبادي متاثر ٿي آهي، جن جا گهر ڊهي پٽ ٿيا آهن، انهن کي گهر تعمير ڪري ڏنا ويندا. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته ڪڻڪ جي خريداري جي 4000 رپيا في 40 ڪلو گرام قيمت نئين فصل جي قيمت آهي، جڏهن ته هلندڙ سال قيمت 2000 رپيا في 40 ڪلو گرام ئي رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ليبر ڪالوني حيدرآباد ۾ قائم ٽينٽ سٽي جي دوري جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پي ٽي آئي جي پنجاب حڪومت ٻوڏ متاثرن جي خوراڪ جا ٽرڪ بارڊر تي روڪي ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اهڙي ڪريل حرڪت دشمن ملڪ ڀارت يا اسرائيل به نٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن اتان به امدادي سامان اچي ها ته اها حرڪت نه ڪن ها، جيڪا پنجاب حڪومت ڪئي آهي. سنڌ حڪومت جي هڪ وينڊر جي ڪراچي ۽ پنجاب ۾ فيڪٽري هئي، پنجاب کان امدادي سامان ويجهن علائقن گهوٽڪي، سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ خيرپور لاءِ کڻي اچي رهيا هئا ته بارڊر تي پنجاب حڪومت ڪيس داخل ڪري سامان ضبط ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اهي ماڻهو ڪهڙي قسم جو پيغام ڏئي رهيا آهن، پنهنجي ئي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد روڪي پئي وڃي. هن چيو ته ان کان اڳ پي ٽي آئي سوشل ميڊيا تي متاثرن کي عالمي امداد روڪڻ لاءِ ڪريل سازش ڪئي. پنجاب حڪومت طرفان اسان کي هن وقت تائين ڪابه امداد نه ملي آهي ۽ اسان انهن مان ڪابه اميد نٿا رکون پر جيڪي اسان جا ٽرڪ امدادي سامان کڻي اچي رهيا آهن، انهن کي ته اچڻ ڏين.

هن چيو ته انهن کي پاڪستان پيپلزپارٽي سان نفرت ٿي سگهي ٿي پر معصوم ٻارن سان انهن جي ڪهڙي دشمني آهي جو انهن جو کير ۽ خوراڪ روڪي رهيا آهن. صوبائي وزير چيو ته پوري سنڌ مان ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي نيڪال ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. سنڌو درياهه ۾ به پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي آئي آهي. سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي شهرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي جي نيڪالي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ڳري مشينري ۽ پمپس استعمال ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ڪيترن ئي علائقن مان جتي پاڻي نڪري ويو آهي، متاثرن رليف ڪيمپن مان پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ شروع ٿي ويا آهن. ضلعي انتظاميا انهن کي راشن ۽ ٽينٽس فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته جيستائين هڪ به متاثر پنهنجي گهر نٿو وڃي رليف جو ڪم ۽ ڪا ڪيمپ بند نه ٿيندي. متاثرن جي خدمت ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جو عوام سان تعلق آهي اها اسانکي خبر آهي، اسين هڪ هڪ جان جي حفاظت ڪنداسين، خاص طور تي ننڍن معصوم ٻارڙن جي سارسنڀال جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دوائن جي خريداري لاءِ پوري سال جا فنڊز جاري ڪرڻ لاءِ ناڻي واري کاتي کي هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ صحت کاتي کي فوري طور تي پوري سال جون دوائون خريد ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي. هن چيو ته ضرورت پوڻ تي نجي اسپتالن مان به ٻوڏ متاثرن جو علاج ڪرائينداسين.

هن چيو ته هن وقت سنڌ حڪومت اسپتالن، طبي ڪيمپن کان علاوه پاڪ فوج ۽ اين جي اوز جا طبي يونٽس متاثرن کي طبي امداد مهيا ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت صحت کاتي تحت ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جنهن تي رابطو ڪري ڪنهن به ڳوٺ، شهر ۾ طبي امداد حاصل ڪري سگهجي ٿي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته پاڻي جي نيڪالي لاءِ سمورا فيصلا آبپاشي ماهرن جي صلاح سان ڪيا پيا وڃن، ڪنهن جي خواهش تي مخصوص ڪٽ نٿا لڳي سگهن، ڪٽ اتي لڳايا ويا آهن جتي آبپاشي ماهرن صلاح ڏني. هن چيو ته وفاقي حڪومت کان ٻاهرين ملڪن مان آيل امداد تي ڪوبه اختلاف ناهي، اين ڊي ايم اي ان جي ورهاست ڪري رهي آهي. هن چيو ته آئيڊيل صورتحال نه آهي اسان جي ڪنهن به عمل ۾ بدنيتي ناهي. انساني غلطي ٿي سگهي ٿي، ڄاڻي واڻي ۽ ارادي طور غلطي ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سخت هدايتون جاري ڪيون آهن. ڪوتاهي ۾ ملوث عملدار کي نه فقط عهدي تان هٽايو وڃي بلڪ ان کي نوڪري تان پڻ برطرف ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لالا جعفر، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر قائم اڪبر نمائي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button