پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ بااثر ماڻهو خلاف ڪوٽڙي جي رهواسڻ جو گهرڀاتين سميت احتجاج

حيدرآباد: ڪوٽڙي جي رهواسڻ لڇمي ڀيل پنهنجي گهرڀاتين سميت ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هن الزام هڻندي چيو ته سندس پٽ ڌرو ڀيل سندس زال مينا ۽ 10 مهينن جي معصوم ٻارڙي کي اتان جي بااثر ڪٻاڙي واري اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي پوليس وٽ دانهيو آهي پر سندس ڪو به ٻڌڻ وارو نه آهي، هن چيو ته پٽ ڌرو ۽ سندس زال مريم کي ڪٻاڙي واري جمال مريم گارڊن ڪوٽڙي گهرايو جيڪي اتان گم ٿي ويا آهن جن جو گهڻي ڳولا ڪرڻ بعد ڪو به ڏس پتو ناهي پيو جنهن سبب سخت ريشان آهيون ته ڪٿي پٽ، نهنن ۽ ننڍڙي ٻارڙي کي قتل نه ڪيو وڃي. هن ايس ايس پي ڄامشورو کي اپيل ڪئي ته پٽ ڌارو ڀيل سندس زال مينا ۽ 10 مهينن جي معصوم ٻار کي بازياب ڪرائي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button