مٺي: مٺي ۾ امامن جي چھلم تي مختلف امام بارگاهن کان نڪتل ماتمي جلوس شعيب ابو طالب امام بارگاهه تي مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿيڻ بعد زنجيرن ۽ ڇرين تي ماتم سان پنهنجي منزل تي نهر ٿيو ، شعيب ابو طالب امام بارگاه تان روانو ٿيل مرڪزي جلوس ۾ هزارين عزادارن پاران زنجيرن ۽ چرين تي ماتم ڪيو ويو ، ماتمي جلوس ڪشمير چوڪ تان ٿيندو ملوڪ امام بارگاهه ۽ ڪنڊل شاهه امام بارگاهه کان ٿيندو واپس پنهنجي منزل تي نهر ٿيو، چهلم جي ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي ۽ پوليس سان گڏ رينجرس جا نوجوان پڻ حفاظتي انتظامن لا مقرر ڪيا ويا هئا، ماتمي جلوسن جي گذرگاهوارن رستن کي سيل ڪيو ويو ۽ ايندڙ ويندڙ رستن تي سختي سان چيڪنگ ڪئي ويئي هئي، عزاداري دوران زخمي ٿيندڙ عزادارن کي سول اسپتال مٺي منتقل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close