اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ 21 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان

اسلام آباد : نيپرا بجلي وڌيڪ مهانگائي ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي ۽ بجلي اگهن ۾ 21 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي ) ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ نيپرا ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. نيپرا 29 سٽپمبر تي درخواست تي شنوائي ڪندو. سي پي پي اي درخواست ۾ چيو آهي ته آگسٽ جي مهيني 13 ارب 63 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي، بجلي جي گڏيل لاڳت 137 ارب رُپيا رهي. فرنس آئل مان 35 رُپيا في يونٽ مهانگي ترين بجلي پيدا ڪئي وئي، ايل اين جي ذريعي بجلي جي لاڳت 24 رُپيا في يونٽ رهي. سي پي پي اي چيو ته ايران مان 20 رُپيا في يونٽ بجلي درآمد ڪئي وئي. ڪوئلي مان بجلي جي پيداواري لاڳت ويهه رُپيا في يونٽ رهي. جڏهن ته 27 پئسا في يونٽ بجلي لائن لاسز جي ور چڙهي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button