پاڪستانسنڌ

شهدادپور بسپ سينٽر تي اسلام آباد جي ٽيم آڏو عورتن جون شڪايتون

شھدادپور: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اسلام آباد مان مقرر ڪيل ٽيم ڊائريڪٽر جنرل بسپ ذوالفقار شيخ ۽ خالد ڪولاچي جي اڳواڻي ۾ شهدادپور سينٽر پهتي، ٽيم عورتن کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ رقم 25 هزار بابت ڪٽوتي جي حوالي سان شڪايت تي پڇا ڳاڇا ڪئي. عورتن حسنه، زهران، ماروي، نوران، ۽ ٻين ٽيم کي ٻڌايو ته رقم مان ڪٽوتي نٿي ٿئي. ڪجھه عورتن شڪايت ڪئي ته اسان روز چڪر پيا ڪاٽيون، سينٽر وارا چون ٿا ته پئسا نه آيا آهن، جنهن تي ڊائريڪٽر جنرل ذوالفقار شيخ کين خاطري ڪرائي ته وفاقي وزير شازيه مري جي ذاتي ڪوشش آهي ته جيڪي به متاثر آهن، انهن سمورن کي رقم ملي، اوهان عبدالسلام ٿهيم مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ٽيم سان رابطو ڪري داخلا ڪرايو. ڊي جي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي وزير جي سخت هدايتن تي مانيٽرنگ ٽيم اوچتو سينٽرن جو معانو ڪري پئي، ايجنٽ ۽ ڊوائيس هولڊرن خلاف ڪارروائي ٿئي ٿي. هوڏانهن علمي ادبي شخصيت نياز جاني ڏيٿو ۽ صحافي اسد ڏاهري ٽيم جي مان ۾ آجياڻو ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button