اسلام آبادپاڪستان

اگهه وڌائڻ حڪومت جي مجبوري آهي،آءِ ايم ايف جو شرط آهي:گهرو وزير

اسلام آباد:وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اگهه وڌائڻ حڪومت جي مجبوري آهي، ڇو ته آءِ ايم ايف جو اهو ئي شرط آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مجبوري ۾ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن، اگهه وڌائڻ جي فيصلي سان اتفاق نٿو ڪري سگهجي پر مجبوري آهي، ڇو ته آءِ ايم ايف جو اهو ئي شرط آهي ۽ اسان وٽ ٻيو ڪو حل ناهي. مريم نواز بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مريم نواز اها ئي ڳالهه ڪري رهي آهي، جيڪا وزيراعظم شهباز شريف ڪندو آهي. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو هو ته حڪومت طرفان بجلي مهانگي ڪرڻ جي فيصلي سان اتفاق نٿي ڪيان، حڪومت کي چونديس ته بجلي جا اگهه گهٽ ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button