پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ هاڪڙي ڍوري جي پاڻي ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا

نئون ڪوٽ: ھاڪڙي ڍوري کي 7 پلي موري وٽان لڳل گھارو ڳوٺ حبيب چانڊيو، نظر کوسو، بجار خان چانڊيو ۽ بابو مولابخش نھڙيو پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا، تيزي سان پاڻي آباديون ۽ ڳوٺ ٻوڙيندو اڳتي وڌڻ لڳو، قديمي قدرتي ھاڪڙي ڍوري جا لنگهھ بند ھجڻ ۽ بااثرن طرفان ڍوري جو پيٽ ليول ڪري آباديون ڪرڻ بعد ڍوري ۾ پاڻي جو پريشر وڌي ويو آهي، ھن کان اڳ ڀٽارو يوسي ۾ ڍوري جو پاڻي چڙھڻ سبب ڳوٺ دريا خان چانڊيو، طاھر چانڊيو، ڀٽو راھمون ۽ غازي ٻٻر پاڻي ۾ 15 ڏينھن کان گھيريل آهن، ڳوٺن جي ڳوٺاڻن محفوظ ھنڌن تي پناهھ ورتي آهي، ڍوري کي ڊئم بنائڻ جو گذريل 35 سالن کان مطالبو ڪندڙ سماجي اڳواڻ جمع خان ٻٻر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڍوري تان قبضاخورن کي ھٽائي کاٽي ڪرائي وڃي، ھي ھڪ وسيع ايراضي تي انسان وٽ قدرتي ڊئم جي صورت موجود آهي، اضافي پاڻي ايل بي او ڊي وٽان انڊر پاس ٺاهي آساني سان پاڻي ڇوڙ ڪري سگھجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button