پاڪستانسنڌ

سرهاڙي لڳ معذور نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

سرهاڙي: سرھاڙي لڳ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي. سرھاڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ دائٔم مگسي جي رھواسي 27 سالن جي نوجوان ارباب علي ولد فيض محمد مگسي بيماري کان تنگ اچي مبينا نشي واريون گوريون کائٔي خودڪشي ڪري ڇڏي، نوجوان کي فوري طور وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھه اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا، اطلاع تي پوليس ڳوٺ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لا شھدادپور جي انسٽيوٽ آف ميڊيڪل سائٔنسز سمس اسپتال کڻائي آئي، جتي وارثن احتجاج ڪندي پوسٽ مارٽم ڪرائٔڻ کان انڪار ڪيو. صحافين سان ڳالھائٔيندي فوتي جي ڀا نور محمد مگسي ۽ افضل مگسي چيو ته اسان جو ڀا ارباب علي معذور ھو ۽ اڪثر ھو بيمار رھندو ھو، بيماري کان تنگ اچي نشي آوور گوريون کائي خودڪشي ڪئي آهي، اسان پنهنجي ڀا جو پوسٽ مارٽم نه ڪرائٔڻ ڏينداسين، پوليس لکت ۾ وٺي لاش وارثن حوالي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button