پاڪستانسنڌ

زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ لا حامين ۽ مخالفن جا ٻئي ڏينهن به ڌرڻا, ڊي سي بدين وٽ ڳالهيون ناڪام

ڪلوئي/ شادي لارج: زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ لا حامين ۽ مخالفن جا ٻئي ڏينهن به ڌرڻا جاري رهيا. ڊي سي بدين وٽ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون. ٻنهي ضلعن جي انتظاميا بيوس بڻجي وئي، سنڌ سرڪار به نوٽيس نه ورتو، ڌرڻن سبب هزارين گاڏيون بيٺل آهن. هڪ ڳورهاري عورت روڊ تي ٻار ڄڻيو. ان سلسلي ۾ مٺي ٿرڪول روڊ تي ڪٽ حامين ممتاز کوسو، اياز کوسو، نور محمد زنگيجو ۽ نديم گجر جي اڳواڻي ۾ 36 ڪلاڪن کان شادي لارج بائي پاس تي ڌرڻو جاري آهي، جتي مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو هڪ مطالبو آهي ته جيستائين زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ نه لڳندو، تيستائين اسان هتان واپس نه وينداسين. ٻئي طرف هزارين مقامي ماڻهن جو پڻ نيوي موڙ تي ڌرڻو جاري آهي، جتي سليم جوڻيجو، ممتاز لنڊ، زاهد ڀرڳڙي، لالا اياز پٺاڻ، وڏيري نواز خان ۽ عبدالرزاق درس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان نٿا چاهيون ته مٿي وارا ٻڏن، پر مٿي جا ماڻهو آبي دهشتگردي ڪري زوري زبردستي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ هڻي 2 لک ماڻهن کي ٻوڙي مارڻ چاهين ٿا، زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ سان مٿي جي ماڻهن کي ڪنهن به قسم جو فائدو نه ٿيندو، اسان پرامن ماڻهو آهيون، جيڪڏهن زوري ڪٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته مزاحمت ڪرڻ اسان جو حق آهي. ھوڏانھن گذريل 36 ڪلاڪن کان ٻئي ڌرڻا جاري آهن، جنهن سبب هزارين گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن ۽ ڪيترائي مسافر توڙي بيمار ماڻهو سخت پريشان آهن. جڏهن ته زيرو پوائنٽ تي پوليس وينون ۽ پوليس موبائيل سميت سوين اهلڪار مقرر آهن جيڪي ايندي ويندڙ ماڻهن جي سختي سان تلاشي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 36 ڪلاڪن کان ٻنهي ضلعن جي انتظاميا بيوس بڻيل آهي، هوڏانهن مظاهرين جي اڳواڻن سان ڊي سي بدين آغا شاهنواز سيال، پ پ اڳواڻ قبول شاھه، ارباب امير امان الله ۽ حاجي سائين بخش جمالي ٽائون ڪميٽي کوسڪي جي اڳوڻي چيئرمين بلال احسن چيما جي رهشگاه تي ڳالهيون ٿيون، جيڪي ناڪام ٿي ويون. ٿر ڪول روڊ تي مظاهرين ۽ ڊي سي بدين ۾ هلندڙ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد ڌرڻا به جاري رکيا ويا آهن. ڳالهين ۾ ڊي سي بدين آغا شاهنواز سيال، ارباب امان الله ۽ ٻئي ڌرڻي جي اڳواڻن ممتاز کوسو، رضا شاهه ۽ مقامي ماڻهن عبدالرزاق درس، لالا اياز پٺاڻ ۽ وڏيري نواز خان شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي شادي لارج بائي پاس وٽ لڳل ڌرڻي دوران اڳواڻن امير آزاد پنهور، شمس ٽالپر، اياز کوسو ۽ ٻين چيو ته هزارين ماڻهو ڌرڻو هڻي ويٺل آهن، پر انتظاميا بيوس بڻجي وئي آهي، سنڌ سرڪار به نوٽيس ناهي ورتو. هنن گهر ڪئي ته قدرتي لنگهن تان قبضا ختم ڪرائي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. شادي لارج وٽ لڳل ڌرڻي ۾ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، عورتن جي اڳواڻ شمس ٽالپر چوڙيون کڻي آئي، جنهن چيو ته هي چوڙيون حڪمرانن لاءِ آهن. ڌرڻي ۾ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور پڻ شرڪت ڪئي. شادي لارج وٽ لڳل ڌرڻي ۾ ھڪ ڳورھاري عورت روڊ تي ٻارڙي کي جنم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button