سنڌ

قبوسعيد خان شهر ۽ ڪيترائي ڳوٺ اڃا تائين پاڻي ۾ ٻڏل

قبوسعيدخان: قبوسعيدخان شھر سميت مختلف علائقن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو، قديمي قبرستان، ڪيترائي پاڙا ۽ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل، علائقي واسين جي ڏکيائين ۾ اضافو، رپورٽ مطابق قبو سعيد خان جي علائقي ۾ ٻوڏ جي پاڻي کي 20 ڏينھن گذري ويا پر ايف پي بند ۽ سيف الله برانچ کي لڳل گھارا بند نه ٿي سگھيا جڏھن ته گھارا بند نه ٿيڻ ڪري قديمي قبرستان، ھائير بوائز سيڪنڊري اسڪول سنجر خان جمالي، کوسا پاڙو، شيخ پاڙو، ڪمبوهه پاڙو، ڳوٺ عبدالوھاب کوسو، ڳوٺ مير ھيبت مگسي، ڳوٺ حاجي محمد ملوڪ مگسي، ڳوٺ مير علي حسن بروھي، ڳوٺ محمد آچر مگسي، ڳوٺ مولا بخش مگسي ۽ ڳوٺ احمد نواز بجيراڻي سميت ڪيترن ئي علائقن ۽ ڳوٺن ۾ 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل آهي جڏھن ته پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ گھارا بند نه ٿيڻ ڪري ميت کي دفنائڻ لا وڏي مشڪلات پيدا ٿي وئي آهي. جڏهن انجنيئر فرحان وڳڻ عملي سميت غائب آهي، ايف پي بچا بند کي لڳل گھارا بند ڪرڻ به انجنيئر مناسب نه سمجهيو، جنهن سبب گھرن ۽ پاڙن ۾ پاڻي بيھڻ سبب اچ وڃ لا تڪليف وڌي وئي جڏھن ته علائقي ۾ پاڻي بيھڻ ڪري مليريا، گيسٽرو ۽ چمڙي سميت مختلف بيمارين منھن ڪڍيو آهي، ڪيترائي مريض مليريا ۽ گيسٽرو ۾ ورتل آھن. ھتان جي سڃاڻ ڌرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ايف پي بند ۽ سيف الله برانچ کي لڳل گھارا بند ڪري بک بدحالي ۽ بيمارين کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button