سنڌ

سيشن جج جو ميروخان ۾ خيما وسندي جو دورو، سهولتن بابت پڇاڳاڇا

ميروخان: ميروخان ۾ قائم ٽينٽ سٽي جو سيشن جج قمبر دورو ڪيو، سيشن جج زاهد حسين ميتلو برسات متاثرن کان کاڌ خوراڪ ۽ سهولتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، تفصيل موجب سيشن جج قمبر زاهد حسين ميتلو ميروخان پهچي سول جج ميروخان عبدالباسط ڪلهوڙو ۽ مختيار ڪار محمد اسلم مگسي کي ساڻ ڪري ٿاڻي ڀرسان سجاول جوڻيجو روڊ تي قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي سيشن جج زاهد حسين ميتلو ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کان کاڌ خوراڪ ۽ ٻين سهولتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ته اتي ترسيل ڪجهھ متاثرن سيشن جج کي ٻڌايو ته سندن هن وقت تائين ٽينٽ ۽ راشن به نه مليو آهي تنهن ڪري کين ٽينٽ ۽ راشن مهيا ڪيو وڃي جڏهن ته سول جج عبدالباسط ڪلهوڙو ۽ مختيارڪار محمد اسلم مگسي سيشن جج کي آگاهه ڪيو ته ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ متاثرن کي ٽينٽ ۽ راشن ڏيڻ سان گڏ پاڻي جا نلڪا پڻ لڳرائي ڏنا آهن جنهن تي سيشن جج اتي موجود صحافين کي چيو ته اسان ۽ انتظاميا جي سٺن ڪمن جي ميڊيا ۾ واکاڻ به ڪيو رڳو تنقيد به سٺي ناهي. هن چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ متاثرن جي واهر ٿئي پئي ۽ متاثرن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سيشن جج زاهد حسين ميتلو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل متاثرن جون ٿوريون گهڻيون شڪايتون آهن جيڪي به ختم ڪيون وينديون ۽ جيستائين متاثر خاندان پنهنجي ماڳن تي نه ٿا موٽن تيستائين ٽينٽ سٽي ۾ ترسائي سرڪار پاران موڪليل امداد ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button